سهراب خان ٽالپر مسڪين

سهراب خان ٽالپر ’مسڪين‘: مير سهراب خان ٽالپر خيرپور رياست جي ٽالپر حڪمران مير رستم خان ٽالپر جو پوٽو ۽ مير محمد حسن خان جو پٽ هو. شاعريءَ ۾ ’مسڪين‘ تخلص استعمال ڪندو هو. مياڻيءَ جي جنگ ۾ مير رستم خان ۽ مير محمد حسن خان حيدرآباد جي ٽالپرن سان گڏ انگريزن سان وڙهيا ۽ جنگ هارائڻ کانپوءِ هي ٻئي به حيدرآباد جي ٽالپر حاڪمن سان گڏ گرفتار ٿي ڪلڪتي پهتا. مير سهراب خان پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي جلاوطنيءَ کانپوءِ منگھن واريءَ ۾ اچي ويٺو.
مير سهراب خان ٽالپر پنهنجي دور جو نامور شاعر ۽ درويش صفت انسان ٿي گذريو آهي. ٻين ميرن جي برعڪس هن کي ڪنهن به عيش عشرت يا شوق شڪار وغيره سان دلچسپي نه هوندي هئي.
هي پنهنجو سمورو وقت فقيرن جي صحبت ۽ ڪتابن جي مطالعي ۾ صرف ڪندو هو. سندس فارسي غزلن تي مشتمل نسخو ’ديوان مسڪين‘ سندس اولاد وٽ موجود آهي. سندس ديوان جو هڪ ٻيو نسخو ٽنڊي آغا حيدرآباد جي نامور اديب مرزا عباس علي بيگ جي ڪتب خاني ۾ پڻ موجود آهي. جنهن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ رکيل آهي.
مير سهراب خان ٽالپر 1292هه/1875ع ۾ وفات ڪئي، سندس وفات تي چيل قطعه تاريخ جا چند بند هيٺ ڏجن ٿا:
ختم يار ما ڪرد رفت از جهان،
زمه چهارده بود ذوالحج زمان،
بپر سيدم ازغيب هاتف بگفت،
چو طوطي به باغِ ارم بود آن.
1292هه


هن صفحي کي شيئر ڪريو